- Advertisement -
ايران ۾ بي ايل ايف جي ٿاڪن تي پاڪستاني حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا شروعاتي تفصيل سامهون اچي ويا.
تفصيلن موجب ايران ۾ پاڪستاني حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن ۾ دوسته عرف چيئرمين، ساحل عرف شفق، محمد وزير عرف وازو، سرور ولد اصغر ۽ بجار عرف سوغات شامل آهن.
مارجي ويل دهشتگرد دوست عرف چيئرمين پنجگور ضلعي جو رهواسي هو.
دهشتگرد دوسته عرف چيئرمين 2013ع ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شامل ٿيو، هو بي ايل ايف ڪمانڊر فضل شير عرف طاهر گروپ جو ميمبر هو.
مارجي ويل سمورا دهشتگرد ڪافي عرصي کان بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
دهشتگرد دوسته 20 سيپٽمبر 2019 تي اسڪول ۽ ايف سي پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هو، ڄاڻايل دهشتگرد گذريل سال 12 اپريل 2023 تي ايف سي جي قافلي کي به نشانو بڻايو هو.
مارجي ويل دهشتگردن ۾ پنجگور ضلعي جو رهواسي سرور ولد اصغر عرف بشام به شامل آهي.
مارجي ويل دهشتگرد محمد وزير عرف وازو 14-2013ع ۾ بلوچ ريپبلڪن آرمي ۾ شامل ٿيو، جنهن بعد ۾ 2019ع ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي.
دهشتگرد وزير عرف وازو 4 مارچ 2023 تي پل ناڪا پوسٽ تي گرنيڊ حملو ڪيو.
مارجي ويل دهشتگرد بجر عرف سوغات 2016ع کان بي ايل ايف جو حصو هو، دهشتگرد بجر 7 مارچ 2023ع تي نذير پٽ بهرام کي سندس گهر مان اغوا ڪيو هو.- Advertisement -
