تازه ترين

ايس ايس پي شڪارپور ۽ اي ايس پي شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو

ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ اي ايس پي فاضل شاھه بخاري شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي شهرين سان ايس ايس پي آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي.

گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن واپارين دانھيو ته شھر جو ڪو به علائقو ڏوھارين کان محفوظ ناھي، دڪاندار ۽ واپاري ماڻھو ھر روز ڦرجي رھيا آھن.

ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي چيو ته شڪارپور جي ھر گھٽي بازار ۽ ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس اھلڪار مقرر ڪري سختي سان جھڙتي ورتي ويندي.

هن چيو ته شھر ۾ موجود ھوٽلن تي نظر رکڻ سان گڏ ھوٽل رات جو ڏھين وڳي کانپوءِ بند ڪرايا ويندا ته جيئن شھر ۾ امن قائم ٿي سگھي. سندس چوڻ ھو ته شڪارپور شھر ۽ ٻين ھنڌن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وينديون .

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون