تازه ترين

ايس ايس پي شڪارپور ۽ اي ايس پي شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ اي ايس پي فاضل شاھه بخاري شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي شهرين سان ايس ايس پي آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي.

گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن واپارين دانھيو ته شھر جو ڪو به علائقو ڏوھارين کان محفوظ ناھي، دڪاندار ۽ واپاري ماڻھو ھر روز ڦرجي رھيا آھن.

ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي چيو ته شڪارپور جي ھر گھٽي بازار ۽ ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس اھلڪار مقرر ڪري سختي سان جھڙتي ورتي ويندي.

هن چيو ته شھر ۾ موجود ھوٽلن تي نظر رکڻ سان گڏ ھوٽل رات جو ڏھين وڳي کانپوءِ بند ڪرايا ويندا ته جيئن شھر ۾ امن قائم ٿي سگھي. سندس چوڻ ھو ته شڪارپور شھر ۽ ٻين ھنڌن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وينديون .

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
14 %
1.9kmh
0 %
خميس
25 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
33 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون