تازه ترين

ايف آءِ اي اميگريشن جي ڪراچي ايئرپورٽ تي وڏي ڪارروائي ، جعلي سفري دستاويزن تي سفر ڪندڙ گرفتار

- Advertisement -
ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي وڏي ڪارروائي ڪندي جعلي سفري ڪاغذن تي سفر ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو. ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اميگريشن وڏي ڪارروائي ڪندي جعلي سفري ڪاغذن تي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ سيد زين الحسن جي نالي سان ٿي. جوابدار نوشهره ورڪان ضلعي گوجرانوالا جو رهواسي آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار جعلي ڪاغذن تي ڪرغزستان وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، مسافر وٽ موجود ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪاغذ جعلي هئڻ جو انڪشاف ٿيو. ايف آءِ اي ترجمان موجب شروعاتي جاچ موجب جوابدار وٽ بشڪيڪ انٽرنيشنل ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جو جعلي ايڊميشن ليٽر هو. سندن چوڻ هو ته جوابدار جي تعليم ميٽرڪ کان گهٽ آهي ۽ 2018 ۾ اسڪول ڇڏيو ويو. ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار وٽ موجود اسٽڊي ويزا ۽ ڪم ويزا ٻئي شڪي ڏٺا ويا، جوابدار جعلي ويزا ۽ داخلا ليٽر علي نالي ايجنٽ کان حاصل ڪيو. ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار کي وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ ايڇ ٽي سي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون