ايندڙ مهيني مهانگائيءَ ماريل غريب عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جو امڪان آهي.
16 آگسٽ 2023ع کان ڊالر جي ملهه ۾ اضافي جي شرح سان ناڻي جي مٽاسٽا ۾ 12 پرين جو فرق پيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
امڪان آهي ته آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 12 رپيا پيٽرول في لٽر ۽ ڊيزل ۾ اگهه ۾ 14 رپيا 83 پيسا في لٽر اضافي جي تجويز ڪندي.
آءِ ايم ايف جا شرط پورا نه ٿيا ته اربين ڊالرن جو قرض خطري ۾ پئجي ويندو جنهن سان عوام کي مهانگائي جي طوفان کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ جيئڻ جنجال ٿي ويندو.