پيپلزپارٽي جو وفد اڄ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ڪندو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ايندڙ چونڊن بابت صلاح مشوري حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو 7 رڪني وفد اڄ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ڪندو.

پيپلزپارٽي طرفان نيئر بخاري، نويد قمر، فيصل ڪريم ڪنڊي، فاروق نائيڪ، شيري رحمان، مراد علي شاهه ۽تاج حيدر کي وفد جو حصو بڻايو ويو آهي.

7 رڪني وفد اليڪشن جي حوالي سان مشاورت ڪندو ۽ عام چونڊن جي تاريخ تي اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجو موقف پيش ڪندو.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفد کي 90 ڏينهن اندر چونڊن جي مطالبي جي واضع هدايت ڪئي آهي.

واضع رهي ته اليڪشن ڪميش چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سمورين سياسي جماعتن سان صلاح مشوري جو سلسلو شروع ڪيو هو.

ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ، ن ليگ، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ سميت ٻين سياسي جماعتن جي وفدن سان مشاورت ٿي چڪي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
57%
1.6m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون