ايڊمرل نويد اشرف سامونڊي فوج جي 23هين سربراهه جي حيثيت ۾ ڪمان سنڀالي ورتي.
پي اين ايس ظفر اسلام آباد ۾ سامونڊي فوج جي ڪمان جي تبديلي واري تقريب ۾ نيول چيف امجد نيازي سامونڊي فوج جي ڪمان نئين سربراهه ايڊمرل نويد اشرف حوالي ڪئي.
نيوي جي جوانن سامونڊي فوج جي نئين چيف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
ان موقعي تي ايڊمرل محمد امجد نيازي جو چوڻ ھو ته گذريل سال ٻوڏ سبب ملڪي معيشيت کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ڪورونا وبا دوران سڄي دنيا کي معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پيو.
ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جو چوڻ آهي ته پاڪ نيوي جي ڪمانڊ ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز ھو، پاڪستان جي سامونڊي فوج جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين سامونڊي فوجن ۾ ٿيندو آهي.
سندس چوڻ ھو تھ مستقبل ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو انساني زندگي ۾ وڏو ڪردار هوندو، مستقبل جي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ صلاحيتن کي وڌائڻ اڻٽر آهي.
ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جو چوڻ ھو تھ پاڪستان گڏيل ڪوششن ۽ سھڪار تي يقين رکي ٿو، بليو اڪانامي ڪنهن به ملڪ لاءِ تمام ضروري آهي.
سامونڊي فوج جي نئين سربراھھ ايڊمرل نويد اشرف 1989ع ۾ پاڪستان نيوي جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي.
ايڊمرل نويد اشرف نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد، يو ايس نيول وار ڪاليج ۽ برطانيه جي رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز جو گريجوئيٽ آهي، کيس اهم ڪمانڊ ۽ اسٽاف جي عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو آهي.
ايڊمرل نويد اشرف ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ۽ ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.