تازه ترين

ملير جي علائقي سومار ڳوٺ ۾ ٻن ڄڻن جي قتل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

- Advertisement -
ملير جي علائقي سومار ڳوٺ ۾ اطهر گل جوکيو ۽ زوار کوکر جي قتل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي  آھي، قاتلن کي ڪراچي وٺي ايندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جاچ زاهده پروين جو چوڻ آهي ته ٻن ڄڻن جي قتل لاءِ جمرود مان 2 ڪرائي جا قاتل گهرايا ويا. سندس چوڻ ھو تھ  حاجي اڪبر ۽ طارق آفريدي کي ڪراچي وٺي ايندڙ جوابدار ظريف خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ، قاتلن کي علي رضا کوکر ۽ سندس والد زوار کوکر کي قتل ڪرڻ جي سوپاري ملي ھئي. زاھدھ پروين چيو تھ ، علي رضا کوکر واقعي کان 5 منٽ پهريان اسٽيٽ ايجنسي مان نڪري ويو ھو، قاتلن اطهر گل جوکيو کي علي رضا سمجهي قتل ڪيو. ھن چيو تھ  علي رضا کوکر اڍائي سال اڳ بشير آفريدي کي قتل ڪيو هو، علي رضا قتل ڪيس مان آزاد ٿي ويو هو. ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ مقتول جي پيءُ موسيٰ آفريدي پنهنجي پٽ جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪرائي جي قاتلن کي گھرايو ھو. سندس چوڻ ھو تھ موسيٰ خان آفريدي جو نياڻو ظريف خان 10 سيپٽمبر تي قاتلن کي جمرود کان  ڪراچي وٺي آيو ھو. ايس ايس پي موجب شڪ کان بچڻ لاءِ موسيٰ خان 13 سيپٽمبر تي پنهنجي پٽ شبير سان گڏ ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ھو. زاھدھ پروين جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ موسيٰ خان ۽ سندس پٽ جي ڳولا جاري آھي، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
24 %
1.3kmh
69 %
آچر
26 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون