تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

اڄوڪي ڏينهن بري، سامونڊي ۽ هوائي فوج دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا هئا : آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 6سيپٽمبر جو ڏينهن سندن قومي ۽ عسڪري تاريخ ۾ يوم دفاع وطن جي نالي سان هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو، اڄوڪي ڏينهن بري، سامونڊي ۽ هوائي فوج دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا هئا، سيپٽمبر جي جنگ ۾ قومي اتحاد ۽ ٻڌي جو عظيم جذبو ڏسڻ ۾ آيو، اختلافن کي وساري مثالي ٻڌي ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي عزم کي ڪير به ڪمزور نٿو ڪري سگهي. بچاءَ واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ عاصم منير چيو ته اڄوڪي ڏينهن بري، سامونڊي ۽ هوائي فوج قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهندي دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا هئا. سندس چوڻ هو ته 6 سيپٽمبر جي موقعي تي قومي اتحاد ۽ ٻڌي جو جيڪو عظيم جذبو ڏسڻ ۾ آيو اهو هٿياربندن فوجن ۽ قوم لاءِ سرمايو آهي، قومي اتحاد ۽ ٻڌي جي جذبي سان پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي نگراني جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج 6 سيپٽمبر تي جنهن بي مثال جرئت، بهادري ۽ پيشواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، اهو نه رڳو تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيل آهي پر ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته هو اڄوڪي ڏينهن تي پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪن ٿا جن وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو، شهيدن سندن لاءِ مقدم آهن ۽ هو شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حرمت ۽ حفاظت جي ذميواري بهتر نموني سرانجام ڏيڻ ڄاڻن ٿا ۽ ڏيندا رهندا. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جو نصب العين ايمان، تقويٰ ۽ جهاد في سبيل الله نه رڳو سندن امتياز آهي پر دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ کان وڏو هٿيار به آهي، پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي. جنرل عاصم منير چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي ۽ ففٿ جنريشن جنگ نئين چئلينجن طور سامهون آئي آهي، روايتي دهشتگردي جي ڀيٽ ۾ ڊجيٽل دهشتگردي وڌيڪ خطرناڪ آهي، ملڪ دشمن عنصرن ۽ پرڏيهي ادارن جي ڀائيواري ڊجيٽل دهشتگردي کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. آرمي چيف چيو ته سندن پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي عزم کي ڪير به ڪمزور نٿو ڪري سگهي، هو پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهن، پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، ملڪ خلاف ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
17 %
4.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون