تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بچاءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بچاءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ريليون ڪڍي تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن. سکر ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن پاران واڪنگ ٽريڪ تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم راجا ڌاريجو، ليفٽيننٽ ڪمانڊر نيوي فائق شاھه، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امير علي مهيسر، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين، سماجي ۽ سياسي تنظيمن، استادن، شاگردن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جهنڊو ڦڙڪائڻ کان اڳ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ايم راجا ڌاريجو ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو مهم جو افتتاح ڪيو. پوليو مهم جو افتتاح ڪرڻ بعد 300 فوٽ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ پوليس جي جوانن سلامي پيش ڪئي. جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کانپوءِ پاڪ فوج کي قربانيون ڏيڻ تي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ ٻڌي جي اظهار لاءِ واڪنگ ٽريڪ کان گلوب چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميه  ۽ تعليم کاتي طرفان قائم شاهه بخاري روڊ کان پريس ڪلب تائين صوبائي وزير اڪرام ڌاريجي، ڪمشنر لاڙڪاڻي غلام مصطفيٰ ڦل، ڊي سي شرجيل نور چني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو هال ۾ پروقار تقريب ڪوٺائي قومي ترانو پيش ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي تي ڪمشنر فيصل احمد عقيلي، ڊي سي ڊاڪٽر رشيد مسعود خان ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪمشنر ڪامپليڪس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي 6 سيپٽمبر جي شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي. خيرپور ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي تي ضلعي چيئرمين نادر شوڪت راڄپر مختلف قبرستانن تي وڃي شهيدن جي آخري آرامگاهن تي حاضري ڀري شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي. شڪارپور ۾ مختلف سرڪاري کاتن پاران بچاءَ واري ڏهاڙي تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد فيضان چيما، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سجاد شيخ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر وسيم الدين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جهاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ويا. جيڪب آباد ۾ ضلعي انتظاميا پاران بچاءَ واري ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر ظهور احمد مري، اي ڊي سي غلام عباس سڌايو، عمار آفتاب ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. مٺي ۾ ضلعي انتظاميه طرفان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر ۽ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ڊاڪٽر منور ملاڻي جي قيادت ۾ صادق فقير چوڪ سانگهڙ ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شفيق احمد آريسر، ڊي ايس پي لونگ خان شر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسپل ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. نوشهري فيروز ۾  ڊي سي ارسلان سليم شيخ جي اڳواڻي ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي. قمبر ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر سجاد حيدر قادري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ بوائز هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ماتلي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي عملي طرفان اي سي نور حسن شاهه ۽ ٽي ي او شاهد راجپوت جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. راڻيپور ۾ مظهر ماڊل اسڪول جي استادن ۽ شاگردن طرفان بچاءَ واري ڏهاڙي تي پروفيسر غلام رسول ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊي باگي ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي تي ٽائون چيئرمين هاشم سمون، نصر الله جروار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽائون ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا ويا. اوٻاوڙ ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي تي مختلف ڌرين طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي پاڪ فوج سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو. ڄام نواز علي ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ديپڪ ڪمار، مختيارڪار ذوالفقار چنا، سومار خان چاڪراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول ٻيراڻي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. هڱورجا  جي هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي جي شاندار تقريب کانپوءِ  پرنسپال رضيه بهادر شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڏوڪري ۾ حيدرآباد بخش جتوئي هاءِ اسڪول طرفان نثار احمد سولنگي جي اڳواڻي ۾  شاندار ريلي ڪڍي وئي. تعلقي ايجوڪيشن آفيسر في ميل قلندر بخش سوهو، اسسٽنٽ مختيارڪار فرزانه ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڻ ريليون ڪڍيون ويون. موري ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي تي جهنڊو ڦڙڪائي شهيدن جي تصويرن تي گل نڇاور ڪري ريلي ڪڍي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر عزيز الرحمان عباسي، ٽي ايم او  نور محمد سمي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شادي لارج ۾ خانگي اسڪول انتظاميه طرفان بچاءَ واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ نڪتل ريلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. فيض گنج ۾ پرائمري اسڪول پڪا چانگ کان تعلقي ايجوڪيشن آفيسر آفتاب راڄپر، استاد معشوق چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ميرو خان ۾ امن ورڪنگ ڪميٽي طرفان چيئرمين مير اقبال احمد جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي. مٺياڻي ۾ پرائمري اسڪول مير محمد چانڊيو طرفان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي. هيڊ ماستر الطاف حسين چانڊيو جي ميزباني هيٺ تقريب ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن ٽيبلوز ۽ تقريبون پيش ڪري داد حاصل ڪيو. لکي غلام شاهه ۾ هائر سيڪندري اسڪول کان احسان الله ابڙي، حبيب الله ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ڪيمپس شهدادڪوٽ ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي جي پروقار تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ وائس چانسلر پروفيسر چندر لال، پروفيسر عبدالرشيد منگي، پروفيسر روشن علي ۽ ٻين بچاءَ واري ڏهاڙي تي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي. ڄام صاحب ۾ پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ طرفان عبدالله هارون، عنايت الله فاروقي، احسان بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نئين ڪوٽ ۾ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ ٻين خانگي اسڪولن طرفان نئين ڪوٽ جي شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين  ريلي ڪڍي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
16 %
5.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون