اڏيرو لال: پوليس جي ڪارروائي، غير معياري کاڄرو تيل هٿ، 2 جوابدار سوگها

- Advertisement -
اوڏيرو لال پوليس ڪارروائي دوران صحت لاءِ هاڃيڪار کاڄرو تيل سان ڀريل ڊاٽسن هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اوڏيرو لال ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. پوليس ڪارروائي دوران صحت لاءِ هاڃيڪار کاڄرو تيل سان ڀريل ڊاٽسن هٿ ڪري ورتي. پوليس ٻن جوابدارن عبدالله يوسفزئي ۽ شبير ڀَٽِيِ کي به گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته پابندي لڳل کاڄرو تيل جو ڪاروبار ڪندڙ ٻئي جوابدار حيدرآباد جا رهواسي آهن. پوليس موجب، گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته سيٺ نجيب الله پٺاڻ چرٻي وارو تيل تيار ڪري وڪرو ڪندو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
18%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون