- Advertisement -
اوڏيرو لال پوليس ڪارروائي دوران صحت لاءِ هاڃيڪار کاڄرو تيل سان ڀريل ڊاٽسن هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اوڏيرو لال ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
پوليس ڪارروائي دوران صحت لاءِ هاڃيڪار کاڄرو تيل سان ڀريل ڊاٽسن هٿ ڪري ورتي.
پوليس ٻن جوابدارن عبدالله يوسفزئي ۽ شبير ڀَٽِيِ کي به گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته پابندي لڳل کاڄرو تيل جو ڪاروبار ڪندڙ ٻئي جوابدار حيدرآباد جا رهواسي آهن.
پوليس موجب، گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته سيٺ نجيب الله پٺاڻ چرٻي وارو تيل تيار ڪري وڪرو ڪندو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……….- Advertisement -
