- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ مڪاني چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل پارٽي اميدوارن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته غير سرڪاري نتيجن ۾ موجب پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو آهي، سنڌ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ملي آهي، عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، 8 فيبروري تي پ پ کي ڪاميابي ملندي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سنڌ ۾ مڪاني چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل پارٽي اميدوارن کي مبارڪ ڏني وئي.
بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد کي واڌايون ڏنيون.
پ پ چيئرمين سکر جي ڊپٽي ميئر ارشد مغل کي به ڪاميابي تي مبارڪ ڏني.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته غير سرڪاري نتيجن ۾ موجب پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ملي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، 8 فيبروري تي پ پ کي ڪاميابي ملندي…….- Advertisement -
