- Advertisement -
اڪري چودڳي ڀرسان 3 هزار سال قديم ماڳ ليلان جا آتڻ تي لينڊ مافيا ۽ روينيو جي ملي ڀڳت سان هڪ ڀيرو ٻيهر لتاڙ ۽ ميسارجڻ وارو عمل جاري آهي.
هيوي مشينري جي مدد سان هٿياربند بااثرن پاران آثارن واري مک دڙي کي ڊاهي زمين جي سنوت ۽ ناليون کوٽڻ سان گڏ وڏو بند ٻڌو پيو وڃي.
قديمي ماڳ جي کوٽائي دوران دريافت ٿيل هزارين سال قديم گهرن، ورڪشاپن ۽ گهٽين سميت ٻيون ظاهر ٿيل اڏاوتون، انساني ڍانچا ۽ قيمتي نوادرات ميسارجڻ لڳا آهن، پر اڪري چودڳي پوليس، روينيو توڙي آرڪيالاجي کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي.
قديم ماڳ واري زمين تي ڪوڙن کاتن جي بنياد تي قبضي خلاف ٿيل سنڌ هائيڪورٽ سکر بئنچ پاران جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي جنهن جو اجلاس 26 فيبروري 2024 تي ٿيڻو هو.
روينيو ۽ آرڪيالاجي کاتي جو رڪارڊ چيڪ ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻي هئي پر ڪجهه سببن ڪري گڏجاڻي نٿي سگهي آهي، اهڙي صورتحال مان فائدو وٺندي لينڊ مافيا پاران پوليس ۽ روينيو جي مدد سان آثارن واري مک دڙي جي ڀڃڊاهه ڪري هٿياربند ماڻهو ويهاريا پيا وڃن.
ساڃاهوندن سرڪاري کاتن جي نااهلي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته آچر کان پوليس، آرڪيالاجي کاتي ۽ روينيو عملدارن کي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ڪو به تحرڪ نٿو ورتو وڃي.
هنن چيو ته سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سان هٿ چراند ڪري تباهه ڪيو پيو وڃي.
ساڃاهوندن، سيڪريٽري ڪلچر ۽ ٽوئرزم ڊي آءِ جي سکر توڙي ڪمشنر سکر کان فوري طور نوٽيس وٺي قديم ماڳ جي لتاڙ بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.- Advertisement -
