- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته رمضان مهيني ۾ پرائس ڪنٽرول جو ڪوبه نظام موجود ناهي، رمضان ۾ سڄي دنيا ۾ شين جا اگهه گهٽجي ويندا آهن پر هتي وڌي ويندا آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته رمضان ۾ عوام کي رليف ملندو، گورننس جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو.
سندس چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ ٽيم متحرڪ آهي، جنهن جي ضرورت پوندي مقرري ۽ بدلي ڪئي ويندي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته جيتري ضرورت آهي، اوترو ئي خرچ ڪندا، سياست جي آڙ ۾ ملڪ غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ٿيو ته برداشت نه ڪيو ويندو.
مريم نواز چيو ته آچر ڏينهن هڪ عورت جي وڊيو ڏٺي جنهن پوليس وين تي حملي ڪري ماڻهن کي آزاد ڪرايو، ائين ڪهڙي ملڪ ۾ ٿيندو آهي…………..- Advertisement -
