تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد گرفتار

اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ لفيٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي گرفتار  ڪري ڪورٽ مارشل شروع ڪيو ويو آهي،  آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيض حميد کي آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو آهي، فيض حميد خلاف رٽائرمينٽ کانپوءِ آرمي ايڪٽ جون ڪيتريون ئي ڀڃڪڙيون ثابت ٿيون آهن.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽاپ سٽي ڪيس ۾ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف شڪايتن جي ازالي لاءِ پاڪ فوج طرفان تفصيلي جاچ ڪئي وئي.

ترجمان موجب جاچ کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف پاڪ آرمي ايڪٽ تحت مناسب ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل رٽائرڊ فيض حميد رٽائرمينٽ کانپوءِ  ڪيترن ئي موقعن تي  پاڪستان آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، ان سلسلي ۾ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ماضي ۾ به ڪيترن ئي سينئر آفيسرن کي آرمي  رولز ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سخت سزائون ملي چڪيون آهن، ليفٽيننٽ  جنرل فيض حميد خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي جيڪا احتساب جي سلسلي جي ڪڙ آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ائين پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي پر فوج پنهنجي ڪڙي احتسابي عمل کي ڪيترائي ڀيرا عملي شڪل ڏني آهي ۽ اهڙو قسم جي احتسابي عمل جو مثال ڪنهن ٻئي اداري ۾ نه ٿو ملي.

آءِ ايس پي آر موجب فوج هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو ته ڪو به شخص ڀلي ڪيتري ئي مٿين عهدي تي ڇو نه هجي قانون کان مٿڀرو ناهي ۽ ٻئي ڳالهه آهي ته پاڪ فوج جو احتساب عملي نهايت شفاف ۽ سخت آهي، جيڪو فوري طور حرڪت ۾ اچي حقيقتن ۽ ثبوتن جي روشني ۾ معاملن کي قانون موجب اڪلائيندو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
44 %
3.4kmh
6 %
سُومر
23 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون