تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد گرفتار

- Advertisement -
اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ لفيٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي گرفتار  ڪري ڪورٽ مارشل شروع ڪيو ويو آهي،  آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيض حميد کي آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو آهي، فيض حميد خلاف رٽائرمينٽ کانپوءِ آرمي ايڪٽ جون ڪيتريون ئي ڀڃڪڙيون ثابت ٿيون آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽاپ سٽي ڪيس ۾ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف شڪايتن جي ازالي لاءِ پاڪ فوج طرفان تفصيلي جاچ ڪئي وئي. ترجمان موجب جاچ کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف پاڪ آرمي ايڪٽ تحت مناسب ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل رٽائرڊ فيض حميد رٽائرمينٽ کانپوءِ  ڪيترن ئي موقعن تي  پاڪستان آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، ان سلسلي ۾ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ماضي ۾ به ڪيترن ئي سينئر آفيسرن کي آرمي  رولز ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سخت سزائون ملي چڪيون آهن، ليفٽيننٽ  جنرل فيض حميد خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي جيڪا احتساب جي سلسلي جي ڪڙ آهي. آءِ ايس پي آر موجب ائين پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي پر فوج پنهنجي ڪڙي احتسابي عمل کي ڪيترائي ڀيرا عملي شڪل ڏني آهي ۽ اهڙو قسم جي احتسابي عمل جو مثال ڪنهن ٻئي اداري ۾ نه ٿو ملي. آءِ ايس پي آر موجب فوج هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو ته ڪو به شخص ڀلي ڪيتري ئي مٿين عهدي تي ڇو نه هجي قانون کان مٿڀرو ناهي ۽ ٻئي ڳالهه آهي ته پاڪ فوج جو احتساب عملي نهايت شفاف ۽ سخت آهي، جيڪو فوري طور حرڪت ۾ اچي حقيقتن ۽ ثبوتن جي روشني ۾ معاملن کي قانون موجب اڪلائيندو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون