اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ناصر جمشيد ستن سالن کانپوءِ پنھنجي غلطي مڃي ورتي.
ناصر جمشيد کي پي ايس ايل ۽ بي پي ايل ۾ سپاٽ فڪسنگ جي الزام ۾ 10 سال جي پابندي کي منھن ڏنو جڏھن ته برطانيه ۾ 17 مھينا قيد جي سزا ملي ھئي.
واضح رهي ته ناصر جمشيد 2017 ۾ پي ايس ايل اسڪينڊل جي مرڪزي ڪردار رھيو .
اڳوڻي اوپننگ بيٽر ناصر جمشيد پنھنجي غلطي تي معافي وٺي ڇڏي .
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ سندس چوڻ هو ته جيڪو ھن پنھنجي ڪيرئر سان ڪيو ان تي ھو پاڻ کي ڪڏھن معاف نه ڪندو ، ھميشه پنھنجي غلطي تي شرمسار رھندو.