- Advertisement -
لاھور ھاءِ ڪورٽ چائلڊ ميريج ايڪٽ 1929ع جي 95 سال پراڻي قانون ۾ ترميم جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چائلڊ لاھور ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاھد ڪريم پنجن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آھي ته چائلڊ ميريج جي خلاف قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، شادي جي قانون جو مقصد سماجي اقتصادي ۽ تعليمي عمل سان ڳنڍجڻ آھي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته آئين تحت سمورا شھري قانون جي نظر ۾ برابر آھن، ڪنھن به شھري سان امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو، چائلڊ ميريج ايڪٽ 1929ع ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جي عمر ۾ فرق امتيازي سلوڪ آهي، عمر جي فرق کي غير آئيني ۽ ڪالعدم قرار ڏنو ويو آھي، حڪومت عدالتي فيصلي جي روشني ۾ چائلڊ ميريج ايڪٽ ۾ 15 ڏينھن ۾ ترميم ڪري.- Advertisement -
