تازه ترين

باڊهه ويجهو 50 رپيا گهرڻ تان اڌروٽ شخص ڏاٽا هڻي قتل

- Advertisement -
باڊهه ويجهو 50 رپيا گهرڻ تان اڌروٽ شخص کي ڏاٽا هڻي قتل ڪيو ويو آهي. منڌرا  ڳوٺ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي جي نتيجي ۾ ڏاٽا لڳڻ سبب  45 ورهين جو گلاب پٽ محمد هارون زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ته جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. مقتول جي ڀاءُ ادريس جوڻيجو الزام هڻندي چيو ته عمران، محمد علي ۽ زوهيب جوڻيجو 50 رپيا نه ڏيڻ تي سندس ڀاءُ گلاب کي ڏاٽا هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. هن چيو ته سندس ڀاءُ جا جوابدار ڌر ڏي 50 رپيا اوڌر جا رهيل هئا پيسا گهرڻ تان ٽن جوابدارن کيس ڏاٽا هڻي قتل ڪيو آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
21 %
1.7kmh
54 %
اربع
23 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون