- Advertisement -
باڊهه ويجهو 50 رپيا گهرڻ تان اڌروٽ شخص کي ڏاٽا هڻي قتل ڪيو ويو آهي.
منڌرا ڳوٺ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي جي نتيجي ۾ ڏاٽا لڳڻ سبب 45 ورهين جو گلاب پٽ محمد هارون زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ته جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
مقتول جي ڀاءُ ادريس جوڻيجو الزام هڻندي چيو ته عمران، محمد علي ۽ زوهيب جوڻيجو 50 رپيا نه ڏيڻ تي سندس ڀاءُ گلاب کي ڏاٽا هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
هن چيو ته سندس ڀاءُ جا جوابدار ڌر ڏي 50 رپيا اوڌر جا رهيل هئا پيسا گهرڻ تان ٽن جوابدارن کيس ڏاٽا هڻي قتل ڪيو آھي.- Advertisement -
