تازه ترين

بجلي جي اگهن ۾ اضافي تي عوامي احتجاج ڳڻتي جوڳو آهي: امتياز شيخ

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافي تي عوامي احتجاج ڳڻتي جوڳو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته نگران حڪومت فوري طور بجلي جي اگهن ۾ پندرهن کان ويهه رپين تائين گهٽتائي ڪري.

هن چيو ته گهريلو واهپيدارن لاءِ رليف جي حد 300 يونٽ ڪئي وڃي، آفيسرن ۽ سرڪاري ملازمن جي مفت بجلي واري سهولت ختم ڪئي وڃي.

امتياز شيخ چيو ته بجلي جي بلن ۾ واڌو ٽيڪس فوري طور واپس ورتي وڃي، عوام آءِ ايم ايف سان معاهدي جو وڌيڪ بار نه ٿو کڻي سگهي.

اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته پ پ جي سنڌ حڪومت ماضيءَ ۾ به بجلي اگهن ۾ اضافي تي تنقيد ڪندي رهي آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
52 %
1.5kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون