بجلي جي اگهن ۾ اضافي تي عوامي احتجاج ڳڻتي جوڳو آهي: امتياز شيخ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافي تي عوامي احتجاج ڳڻتي جوڳو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته نگران حڪومت فوري طور بجلي جي اگهن ۾ پندرهن کان ويهه رپين تائين گهٽتائي ڪري.

هن چيو ته گهريلو واهپيدارن لاءِ رليف جي حد 300 يونٽ ڪئي وڃي، آفيسرن ۽ سرڪاري ملازمن جي مفت بجلي واري سهولت ختم ڪئي وڃي.

امتياز شيخ چيو ته بجلي جي بلن ۾ واڌو ٽيڪس فوري طور واپس ورتي وڃي، عوام آءِ ايم ايف سان معاهدي جو وڌيڪ بار نه ٿو کڻي سگهي.

اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته پ پ جي سنڌ حڪومت ماضيءَ ۾ به بجلي اگهن ۾ اضافي تي تنقيد ڪندي رهي آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
25%
4.7m/s
22%
اربع
28 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون