بدين جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ۾ بجلي تي هلندڙ واٽر ڪولر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب شاگرد زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڳوٺ سوزل چانگ ميرواهه موري جي رهواسي شاگرد رجب علي کي اسڪول مان واٽر ڪولر مان پاڻي ڀرڻ دوران ڪرنٽ لڳو.
ڪرنٽ لڳڻ سبب شاگرد فرش تي ڪري سخت زخمي ٿي پيو.
شاگرد جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
والدين جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت زبون حال ۽ بجلي جو نظام بهتر نه هجڻ سبب شاگردن جو حياتيون داءُ تي لڳل آهن.