برسات ۽ خراب موسم سبب ڪراچي کان ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ريل گاڏيون دير جو شڪار ٿي ويون.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته قراقرم ايڪسپريس 45 منٽن جي دير سان ٽي وڳي بدران ساڍي 3 وڳي منزل طرف رواني ٿيندي.
پاڪ بزنس ايڪسپريس 45 منٽن جي دير سان 4 وڳي بدران پوڻي 5 وڳي رواني ٿيندي.
تيز گام 20 منٽن جي دير سان 5 لڳي 50 منٽن تي رواني ٿيندي.
ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻيون سڀ ريل گاڏيون شيڊول تحت پنهنجي وقت تي روانيون ٿينديون.