اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت بشرا بي بي خلاف غير قانوني شادي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي به نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قدرت الله جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي خلاف مبينا غير قانوني نڪاح بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
پراسيڪيوٽر رضوان عباسي ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل نعيم پنجوٿا سول جج قدرت الله جي عدالت ۾ پيش ٿيا.
پراسيڪيوٽر رضوان عباسي ٻڌڻي بغير ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي ۽ چيو ويو ته دليلن جي تياري ڪرڻي آهي، جنهن لاءِ وقت گهرجي.
رضوان عباسي پنهنجي درخواست ۾ اهو به چيو ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي آڏي پڇا واري درخواست تي دليلن کانپوءِ دليل ڏيندو.
وڪيل نعيم پنجوٿا به بشرا بي بي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي ۽ چيو ته عدالت بشرا بي بي جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.
جج قدرت الله رمارڪس ڏيندي چيو ته فرد جرم جو معاملو سامهون آيو ته بشرا بي بي جي حاضري ضروري هوندي
جج چيو ته ٻنهي ڌرين جا دليل هڪ ئي تاريخ تي ٻڌا ويندا، توهان پنهنجا دليل پيش ڪرڻ کان اڳ مختلف عدالتن جا فيصلا به جمع ڪرايو.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته درخواست آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي مختصر تاريخ ڏني وڃي، جنهن تي جج قدرت الله چيو ته ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي ويندي، ڌرين کي گڏجي دليل ڏيڻ گهرجن.
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشرا بي بي خلاف غير قانوني نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي


