اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي لانگ مارچ واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شيخ رشيد خلاف لانگ مارچ جي تباهي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جوابدارن جو وڪيل نعيم پنجوٿا ايڊيشنل سيشن جج صهيب بلال جي عدالت ۾ پيش ٿيو.
وڪيل نعيم پنجوٿا عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار ۽ شيخ رشيد کي اغوا ڪيو ويو آهي، صداقت علي عباسي جو به ڪٿي پتو ناهي.
وڪيل درخواست ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شيخ رشيد کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
دليلن بعد عدالت ٻنهي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو


