تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري طرفان جاري ڪيل 10 نقاطي پروگرام انقلابي ھوندو: سيد مراد علي شاھ

- Advertisement -
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري طرفان جاري ڪيل 10 نقاطي پروگرام انقلابي ھوندو، حڪومت ۾ اچي هو سرڪاري ملازمن جي پگهارون ٻيڻيون ڪندا. مراد علي شاهه چونڊ مهم جي سلسلي ۾ پنھنجي تڪ جي دوري دوارن يونين ڪاؤنسل آراضي ۾ جاويد ميمڻ جي دعوت تي پھتو ته پنڊال ۾ پيل ڪرسيون خالي پيل رھيون، بعد ۾ هن ڳوٺ ٽنڊو شهبازي ۾ ظھور الاھي سيال ۽ ارضي ۾ سيد ھادي بخش شاھ سميت مخلتف ڳوٺن ۾ وڃي ڪارنر گڏجاڻين ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪئي. پي ايس 77جي اميدوار سيد مراد علي شاھ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندَي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سولر سسٽم ذريعي بجلي پيدا ڪري عوام کي 300يونٽ بجلي مفت ڏني ويندي. هن چيو ته  صحت جي سھولتن کي وڌيڪ بھتر ڪندا جئين مفت ۽ معياري علاج عوام کي ڏئي سگھن، تعليم جون اڃا به وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون. مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ سموري ملڪ ۾ 30لک غريب ماڻھن کي گھر ٺھرائي ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، تعلقي سيوهڻ ۾ 38ھزار گھر ٺھي رھيا آھن ۽ ھارين کي ڪلر ۽ٻج مفت ۾ ڏنو ويو آهي. ھن بلاول ڀٽو زرداريءَ وزيراعظم بڻجي شھيد بينظير ڀُٽو جو رھيل خواب پورو ڪندو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
5 %
2.8kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون