بلاول ڀٽو پاران لاهور ۾ پ پ جي اليڪشن آفيس تي حملي جي مذمت

- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ لاهور ۾ پ پ پ جي اليڪشن آفيس تي حملي ۽ ڪراچي ۾ پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پي پي 162 جي جيالي اميدوار منظر عباس کوکر جي اليڪشن آفيس کي پيٽرول بم سان نشانو بڻائڻ کـُلي دهشتگردي آهي. سندس چوڻ هو ته لاهور پوليس صوبائي اميدوار جي اليڪشن آفيس تي حملي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪري غير جانبداري جو مظاهرو ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي جي علائقي گلشن بونير ۾ جيالي اميدوار آغا رفيع الله جي ڪارنر ميٽنگ تي به گوليون هلايون ويون. پ پ چيئرمين اين اي 230 تي پ پ اميدوار جي ڪارنر ميٽنگ ۾ فائرنگ دوران زخمي ٿيلن جي صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور ۽ ڪراچي  ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي چونڊ مهم کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي آهي، مخالف پ پ اميدوارن جي هاڻي کان ئي ڪاميابي ڏسي وائڙا ٿي ويا آهن ۽ ڪـِريل حرڪتن تي لهي آهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا جيالا ڊڄڻ ۽ گھٻرائڻ وارا نه آهن، مخالفن جي اهڙن حرڪتن جو جواب عوام 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي ڏيندو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
2.5m/s
7%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون