تازه ترين

بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مرادن ڊومڪيءَ عهدي جو قسم کڻي ورتو

بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مرادن ڊومڪيءَ عهدي جو قسم کڻي ورتو.

نگران وڏي وزير جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال، اڳوڻن صوبائي وزيرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

گورنر عبدالولي ڪاڪڙ، نگران وڏي وزير                   مير علي مرادن ڊومڪيءَ کي عهدي جو قسم کڻايو.

مير علي مردان ڊومڪي جو تعلق بلوچستان جي علائقي لهڙي سان آهي  ۽ هو اڳوڻي سينيٽر مير حضور بخش ڊومڪي جو پٽ آهي.

علي مردان ڊومڪي 13 آڪٽوبر 1972ع تي پيدا ٿيو، سندس والد 1975ع کان 1977ع تائين سينيٽر رهيو. علي مردان ڊومڪيءَ علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد مان سوشيالاجي ۾ ماسٽرز ڪئي ۽ هو ضلعي ۽ تعلقي ناظم به رهي چڪو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
9 %
4.4kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
35 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون