بلوچستان جي 25 ضلعن جي 50 وارڊن ۾ جنرل سيٽن لاءِ مڪاني چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن.
50 جنرل سيٽن لاءِ 167 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، زوب، لورالائي، قلعه سيف الله، مستونگ ۽ پنجگور ۾ 4-4 جنرل سيٽن تي مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب ڪوهلو ۽ ڪڇي ۾ 3 جنرل سيٽن لاءِ پولنگ ٿيندي، جڏهن ته پشين، شيراني، هرنائي، خضدار، سوراب ۽ لسٻيلا ۾ 2 جنرل سيٽن لاءِ پولنگ ٿيندي.
چاغي، خاران، واشڪ، برخان، سبي، نصيرآباد، جعفرآباد، صحبت پور، قلات، حب، ڪيچ ۽ گوادر ۾ هڪ هڪ جنرل سيٽ تي به پولنگ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن موجب، انهن سيٽن تي چونڊن لاءِ سڀئي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ سامان پولنگ اسٽيشنن تائين پهچايو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن عملدارن موجب، پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهندي
بلوچستان جي 25 ضلعن جي 50 وارڊن ۾ جنرل سيٽن لاءِ مڪاني چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


