دهشتگردي صرف پاڪستان نه پر سڀني جو مسئلو آهي:محسن نقوي

spot_img
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان خلاف هٿيار کڻندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، سندس آمريڪا جي دوري جو مقصد آمريڪي سياستدانن سان گڏجي دهشتگردي خلاف موثر پلان ٺاهڻ  آهي. آمريڪا جي دوري جي موقعي تي هوسٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته دهشتگردي صرف پاڪستان نه پر سڀني جو مسئلو آهي، سندس آمريڪا جي دوري جو مقصد آمريڪي سياستدانن سان گڏجي دهشتگردي خلاف موثر پلان ٺاهڻ  آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪو به پاڪستان خلاف هٿيار کڻندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هن آمريڪا ۾ چين خلاف ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت ناهي ڪئي، مخالف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، نوجوانن جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن کي پروپيگنڊا ڪري غلط رنگ ڏنو ويو، اهڙي پروپيگنڊا سان ڪو فرق نٿو پوي، هو اتي ڪنهن به چين مخالف تقريب ۾ نه ويو هو. هن چيو ته آمريڪي ايوان نمائندگان کي پاڪستان خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي، سياست ڪريو پر پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي حد تائين نه وڃو، ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون تمام گهڻيون هاڪاري رهيون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته چيمپئنز ٽرافي سبب صائمه ايوب جو مستقبل داءُ تي نٿو لڳائي سگهجي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ صائم جو پلاسٽر لهي ويندو، پاڻ سندس انجري کي مانيٽر ڪري پيو ۽ روزانو ساڻس رابطو ڪندو آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون