تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ترڪيه ۾ نئين سال جي موقعي تي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي داعش جا 357 شڪي ميمبرن کي گرفتار

- Advertisement -
ترڪيه ۾ نئين سال جي موقعي تي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي داعش جا 357 شڪي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ترڪيا داعش نيٽ ورڪ خلاف وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو آهي، 12 صوبن ۾ آپريشن ڪيا ويا، 357 شڪي دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، گذريل ڏينهن به يالووا ۾ 3 پوليس آفيسر شهيد ۽ داعش جا 6 ميمبر آپريشن دوران مارجي ويا هئا. ترڪيه جي گهرو وزير چيو آهي ته ترڪ پوليس ملڪ کي دهشتگردي کان بچايو آهي، ۽ دهشتگردي جي رستي تي هلندڙن کي ڪڏهن به موقعو نه ڏنو ويندو. ترڪ اختيارين چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ 137 شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا، شام جي سرحد تي داعش جي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي سخت قدم کنيا ويا آهن، سيڪيورٽي ادارا قومي سلامتي ۽ عوامي تحفظ لاءِ ڪم ڪندا رهندا. گهرو وزارت موجب، ترڪيه دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي ملڪ ۾ سرگرم ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. استنبول جي چيف پبلڪ پراسيڪيوٽر آفيس جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 110 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جيڪي نئين سال جي موقعي تي استنبول ۾ دهشتگرد حملي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا. انقره جي چيف پبلڪ پراسيڪيوٽر آفيس تصديق ڪئي ته 17 شڪي داعش ميمبرن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ 11 پرڏيهي شهري به شامل آهن. سيڪيورٽي فورسز ڪجهه ڏينهن اڳ استنبول ۾ ڪارروائي دوران 100 کان وڌيڪ شڪي داعش ميمبرن کي گرفتار ڪيو هو، ڇاپن دوران وڏي انگ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون