تازه ترين

تعليم آپشن نه پر ضرورت آهي، شاگردن تي فرض آهي ته ملڪ کي آڏو چئليجن جو پتو لڳائي انهن جو تجزيو ڪن: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته تعليم آپشن نه پر ضرورت آهي، شاگردن تي فرض آهي ته ملڪ کي آڏو چئليجن جو پتو لڳائي انهن جو تجزيو ڪن.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير نسٽ جي سالياني ڪانووڪيشن  ۾  شرڪت ڪئي ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي  اعزاز سان نوازيو.

ڪانووڪيشن ۾ بيچلرز، ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيو ويو، مجموعي طور 35 سئو شاگردن کي 7 مختلف شعبن ۾ ڊگريون ڏنيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف، گريجوئيٽس، سندن والدين ۽ فيلڪٽي کي واڌايون ڏنيون.

ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته جيڪي شاندار ذهنن جي پرورش  جن ٿا اهي قوم جي خدمت لاءِ تيار رهن.

آرمي چيف چيو ته تعليم  آپشن نه پر ضرورت آهي، نئين ذميواري شاگردن جي شخصيت ۽ اڳتي جي سفر ۾ چونڊ مان ظاهر ٿيڻ گهرجي.

جنرل عاصم منير چيو ته شاگردن جو فرض آهي ته اهي ملڪ کي آڏو چئلينجن جو پتو لڳائن ۽ انهن جو تجزيو ڪن.

آرمي چيف چيو ته مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ پنهنجا فڪري وسيلا ڪتب آندا وڃن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون