تازه ترين

آمريت جو دروازو بند ٿي ويو پر نئين قسم جي آمريت شروع ٿي وئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمريت جو دروازو بند ٿي ويو پر نئين قسم جي آمريت شروع ٿي وئي آهي، چونڊن ۾ دير جو مطلب ان کان انڪار آهي، ڪنهن ٻئي اداري جي حڪم کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ادارن اندر ۽ ادارن وچ ۾ اعتماد پيدا ڪرڻو پوندو، فوري طور چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت آئين جو تحفظ ڪري ٿي ۽ آئين انساني حقن جو تحفظ ڪري ٿو،  هر سياستدان پاڻ کي عدليا آڏو احتساب  لاءِ پيش ڪيو، ججن کي به پاڻ احتساب لاءِ پيش ڪرڻ گهرجي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي فيصلي اميد پيدا ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ۾ دير جو مطلب چونڊن کان انڪار آهي، چيو ويو هو ته آمريت جو دروازو بند ٿي ويو آهي پر نئين قسم جي آمريت شروع ٿي وئي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته هو  چونڊن جي تاريخ گهري رهيا آهن، پر اليڪشن ڪميشن طرفان اعلان نه پيو ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هڪ جمهوري پارٽي آهي ۽ اليڪشن جو مطالبو سندن حق آهي، ان ڪري فوري طور چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي. هن چيو ته جمهوريت ۾ ڪنهن به قسم جون رنڊڪون وجهڻ پريشان ڪندڙ هوندو آهي، ڪنهن ٻئي اداري جي حڪم کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ادارن اندر ۽ ادارن وچ ۾ اعتماد پيدا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تقريب ۾ گهرائڻ تي هو سپريم ڪورٽ بار جو ٿورائتو آهي، سپريم ڪورٽ سدائين آئين جي بالادستي ۽ ڊڪٽيٽر خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
29 %
1.1kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون