وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان پرائمري اسڪولن ۾ سيڪنڊ شفٽ شروع ڪري مڊل اسڪول قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تعليم کاتي کي خانگي اسڪولن جي ڀرپور نگراني ڪرڻ گهرجي، خانگي اسڪول 10 سيڪڙو مفت تعليم ڏيڻ جي فيصلي تي عمل ڪن.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دورنا بريفنگ ۾ صوبائي وزير ٻڌايو ته اسڪولن ۾ 5 کان سورهن ورهين جي عمر جا 16 ڏهائي 89 ملين ٻار داخل آهن، 5 ڏهائي 20 ملين ٻار سرڪاري ۽ 4 ملين خانگي اسڪولن ۾ داخل آهن.
تعليم واري وزير چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ 9 لک کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، سنڌ ۾ 36 هزار 300 پرائمري، 26 سئو ايليمينٽري، سورهن سئو سيڪنڊري ۽ 490 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن.
وڌي وزير چيو ته 7 ڏهائي 8 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن کي تعليم ڏيارڻ وڏو چئلينج آهي، ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ جو تناسب هر صورت ختم ڪيو وڃي.
سردار شاهه چيو ته پرائمري اسڪول 32 هزار جڏهن ته 5 هزار مڊل اسڪول آهن، جنهن ڪري ڊراپ آئوٽ وڌي رهيو آهي.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته پرائمري اسڪولن ۾ سيڪنڊ شفٽ شروع ڪري مڊل اسڪول قائم ڪيا وڃن، ان ئي دوران اسڪولن جي اپگريڊيشن ڪري مڊل اسڪول ڪيا وڃن.
اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته اسڪولن کان باهر ٻارن کي واپس آڻڻ لاءِ وڌيڪ ڪلاس روم ٺهرايا ويندا.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 140 اسڪيمن تحت 2 هزار اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو.
تعليم واري وزير آگاهي ڏني ته ٻوڏ متاثر 4 هزار 39 اسڪولن کي تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن تيم 116 بلين رپيا لاڳت ايندي ۽ ڪم ٽن ورهين ۾ مڪمل ٿيندو.
وڏي وزير چيو ته هو چاهي ٿو ته تعليم کاتو خانگي اسڪولن جي ڀرپور نگراني ڪري.
سردار شاهه چيو ته اسڪول انسپيڪٽر ڀرتي ڪيا پيا وڃن جيڪي خانگي اسڪولن ۾ ٻه تعليمي نظام جي نگراني ڪندا.
وڏي وزير چيو ته هو چاهي ٿو ته سمورا خانگي اسڪول 10 سيڪڙو مفت تعليم فراهم ڪرڻ تي عمل ڪن.
تعليم کاتي کي خانگي اسڪولن جي ڀرپور نگراني ڪرڻ گهرجي، خانگي اسڪول 10 سيڪڙو مفت تعليم ڏيڻ جي فيصلي تي عمل ڪن:مراد علي شاهه
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


