سنڌ جي مختلف شهرن ۾  عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي 95 سالگره تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا

spot_img
سنڌ جي مختلف شهرن ۾  عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي 95 سالگره تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا. عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان رسول بخش پليجي جي آخري آرام گاهه تي تقريب ڪوٺائي قومي ۽ انقلابي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته  گلن جي چادر چاڙهي سلامي پيش ڪئي وئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حور النساءَ پليجو،  علي محمد پرويز، مٺان خان لاشاري، شاهه محمد چانگ، دريا خان زنئور،  خالد گندري ۽ ٻين رسول بخش پليجي جي حاضري ڀري گلن جي چادر چارهي کيس سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته انقلابي گيت پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجي هميشه سنڌو درياهه لاءِ وڪالت ڪئي. هنن چيو ته رسول بخش پليجي سنڌو درياهه جا وهڪرا روان رکڻ لاءِ سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سجاڳي پکيڙي. سندس چوڻ هو ته رسول بخش پليجي جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ڪالاباغ ڊيم  خلاف مارچ ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڇهن نون ڪئنالن جو منصوبو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي  ڌارين حوالي ڪيون پيون وڃن جيڪا ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ملير بار ايسو سيئيشن طرفان تقريب ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالستار رند، لال محمد جروار، ملير بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اياز چانڊئي، ايڊووڪيٽ امان الله يوسفزئي، ايڊووڪيٽ ناصر رضا رند، ايڊووڪيٽ خالد محمود، ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي ۽ ٻين شرڪت  ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجو عوامي ليڊر هو ۽ هُن سنڌ جي هارين، مظلومن، سنڌو درياھ جي جياپي ۽ جهموريت جي آزادي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري جيلن جون سختيون برداشت ڪيون. هنن چيو ته رسول بخش پليجو جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن، اهڙا ليڊر قومن لاءِ مشعل راھ هوندا آهن. سندن چوڻ هو ته اڄ سنڌ سڪائڻ لاءِ سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اهڙن سمورن ڪئنالن کي رد ڪن ٿا، جيڪي سنڌ کي تباھ ڪن، سنڌو درياھ بچائڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. ڪڙيو گهنور ۾ قومي عوامي تحريڪ سٽي جي صدر  امام علي شاهه،  حسين مهيري، اصغر نوتڪاڻي،گيانچند، موهن لال ۽ ٻين طرفان رسول بخش پليجي جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي  پنهنجي جدوجهد ذريعي ڪالاباغ ڊيم رٿا کي ناڪام ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون