تازه ترين

توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل

اسلام آباد هائيڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سومر ڏينهن اسلام آباد هائيڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي توشاخانا ڪيس ۾ سزا معطلي بابت درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق مختصر فيصلو ٻڌائيندي توشاخانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطلي جي درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي چيو ته لکت ۾ فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويو ۽ سزا معطلي جا سبب به ٻڌايا ويندا.

اسلام آباد هائيڪورٽ 5 آگسٽ تي ٽرائل ڪورٽ طرفان ٻڌايل فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي هڪ لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

5 آگسٽ تي اسلام آباد جي ٽرائل ڪورٽ توشاخانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي جنهن بعد کيس لاهور مان گرفتار ڪري اٽڪ جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

ٽرائل ڪورٽ کان سزا جي نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنجن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو هو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
11 %
2.1kmh
8 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون