تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسلام آباد هائيڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سومر ڏينهن اسلام آباد هائيڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي توشاخانا ڪيس ۾ سزا معطلي بابت درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق مختصر فيصلو ٻڌائيندي توشاخانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطلي جي درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي چيو ته لکت ۾ فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويو ۽ سزا معطلي جا سبب به ٻڌايا ويندا.

اسلام آباد هائيڪورٽ 5 آگسٽ تي ٽرائل ڪورٽ طرفان ٻڌايل فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي هڪ لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

5 آگسٽ تي اسلام آباد جي ٽرائل ڪورٽ توشاخانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي جنهن بعد کيس لاهور مان گرفتار ڪري اٽڪ جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

ٽرائل ڪورٽ کان سزا جي نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنجن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
19 %
5.3kmh
73 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون