تازه ترين

تيل ۽ گئس ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان پيٽرول ۽ گيس ڳوليندڙ ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف  پيٽروليم ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين کي آف شور ذخيرا ڳولڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي. پيٽرول ۽ گيس ڳوليندڙ شعبي اي اينڊ پي سيڪٽر پاران وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ مقامي سطح تي تيل ۽ گيس ذخيرن جي ڳولا اسان جي پهرين ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تيل ۽ گيس گهرائڻ تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪري ٿو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته تيل ۽ گيس جي مقامي ذخيرن سان مٽا سٽا وارو ناڻو بچندو ۽ عام ماڻهن لاءِ پيٽرول ۽ گيس سستي ٿيندي. ان موقعي  تي پيٽروليم ۽ گيس ڳوليندڙ ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
36.3 ° C
36.3 °
36.3 °
5 %
6.8kmh
16 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون