سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته تڪبندين بعد ئي عام چونڊون ٿينديون، پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، محرومي جو احساس ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، بلوچستان جي عوام جو نگران وزيراعظم جي چونڊ سان محرومي جو احساس گهٽ ٿيو، بلوچستان جي ترقي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي، بلوچستان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، جيڪي قومون شڪر ادا ڪنديون آهن الله سندن مشڪلاتون آسان ڪندو آهي.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي مزار قائد تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي.
سينيٽ چيئرمين مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته قومن تي ڏکيو وقت ضرور ايندو آهي، گڏجي ڏکي حالتن جو مقابلو ڪندا، سينيٽ آف پاڪستان هائوس آف فيڊريشن آهي، نگران حڪومت بهتر نموني سڄي ملڪ ۾ قائم ٿي چڪي آهي، نگران حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪندا.
سندس چوڻ هو ته چئني صوبن جو دفاع ڪندا، ملڪ جو جمهوري تسلسل اڳتي وڌي رهيو آهي، هو قانون سازي ڪندا آهن، بلوچستان جي حقن بابت آواز سينيٽر بهتر نموني اٿاري رهيا آهن.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته محرومي جو احساس ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، بلوچستان جي عوام جو نگران وزيراعظم جي چونڊ سان محرومي جو احساس گهٽ ٿيو، سٺ يا 90 ڏينهن ۾ مسئلا حل نه ٿيندا، محرومي جو احساس آهستي آهستي گهٽ ٿي رهي آهي.
هن چيو ته بلوچستان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، صوبي جي ترقي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي، وفاق طرفان بلوچستان ۾ وڏا منصوبا هلي رهيا آهن، هو دنيا جي گهڻن ملڪن کان بهتر آهن.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته سڀني گڏجي آدمشماري جي منظوري ڏني آهي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، قومي مطمئن رهي تڪبندين بعد ئي عام چونڊون ٿينديون.