تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

تڪبندين بعد ئي عام چونڊون ٿينديون : سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته تڪبندين بعد ئي عام چونڊون ٿينديون، پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، محرومي جو احساس ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، بلوچستان جي عوام جو نگران وزيراعظم جي چونڊ سان محرومي جو احساس گهٽ ٿيو، بلوچستان جي ترقي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي، بلوچستان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، جيڪي قومون شڪر ادا ڪنديون آهن الله سندن مشڪلاتون آسان ڪندو آهي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي مزار قائد تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي.

سينيٽ چيئرمين مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته قومن تي ڏکيو وقت ضرور ايندو آهي، گڏجي ڏکي حالتن جو مقابلو ڪندا، سينيٽ آف پاڪستان هائوس آف فيڊريشن آهي، نگران حڪومت بهتر نموني سڄي ملڪ ۾ قائم ٿي چڪي آهي، نگران حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪندا.

سندس چوڻ هو ته چئني صوبن جو دفاع ڪندا، ملڪ جو جمهوري تسلسل اڳتي وڌي رهيو آهي، هو قانون سازي ڪندا آهن، بلوچستان جي حقن بابت آواز سينيٽر بهتر نموني اٿاري رهيا آهن.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته محرومي جو احساس ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، بلوچستان جي عوام جو نگران وزيراعظم جي چونڊ سان محرومي جو احساس گهٽ ٿيو، سٺ يا 90 ڏينهن ۾ مسئلا حل نه ٿيندا، محرومي جو احساس آهستي آهستي گهٽ ٿي رهي آهي.

هن چيو ته بلوچستان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، صوبي جي ترقي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي، وفاق طرفان بلوچستان ۾ وڏا منصوبا هلي رهيا آهن، هو دنيا جي گهڻن ملڪن کان بهتر آهن.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته سڀني گڏجي آدمشماري جي منظوري ڏني آهي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، قومي مطمئن رهي تڪبندين بعد ئي عام چونڊون ٿينديون.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون