تازه ترين

ثابت ٿي ويو ته ملڪ جي سلامتي ۽ امن پي ٽي آءِ لاءِ اهميت نٿا رکن : خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ثابت ٿي ويو ته ملڪ جي سلامتي ۽ امن پي ٽي آءِ لاءِ اهميت نٿا رکن. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي خواجه آصف لکيو ته پي ٽي آءِ ثابت ڪيو آهي ته پي ٽي  آءِ باني سندن پهرين ۽ آخري ترجيح آهي. هن چيو ته ملڪ جي سلامتي ۽ امن پي ٽي آءِ بانيءَ لاءِ ڪا به اهميت نٿا رکن، “خان نه ته پاڪستان نه” هنن جو نصب العين آهي. بچاءَ واري وزير چيوته ملڪ دهشتگردي جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي پر پي ٽي آءِ پنهنجن مفادن جي سياست پئي ڪري. خواجه آصف چيو ته ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
10 %
6.3kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون