- Advertisement -
جج جي موڪل هجڻ سبب شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو نه سگهيو.
سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فريادي ڪرم الله مهر، آصف مهر، وڪيل سهيل احمد کوسو، قربان ملاڻو، پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا پيش ٿيا.
جج جي موڪل هجڻ سبب شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 24 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.
ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي.
پوليس طرفان 88 ۽ 87 جي ڪارروائي، اخبارن ۾ روپوشي جا اشتهار پڻ مڪمل ڪرايا ويا آهن.
9 مهينا اڳ سکر شهر ۾ هٿياربندن صحافي جان محمد مهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.
قتل ڪيس ۾ مک جوابدار شيرو مهر، گلزار مهر، جمن مهر، قربان مھر، روشن مهر ۽ ٻيا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.- Advertisement -
