- Advertisement -
فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن فيض حميد کي ڪلين چٽ ڏيندي پنجاب حڪومت کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.
فيض آباد ڌرڻو ڪميشن فيض حميد سان گڏ ڊي جي رينجزر پنجاب ميجر جنرل نويد اظهر حيات کي به آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيض حميد کي سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پاران ٺاهه ڪرائڻ جو اختيار ڏنو ويو هو، ان وقت جي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي معاهدي جي اجازت ڏني.
رپورٽ موجب پنجاب حڪومت ووٽ بينڪ بچائڻ لاءِ مظاهرين خلاف ڪارروائي نه ڪئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ شهباز شريف مدد ۾ اداري يا اداري جي ماڻهن جي ڪردار کان انڪار ڪيو.
ڪميشن موجب اڳوڻي ڊي آءِ جي آءِ بي آفتاب سلطان به اداري يا اداري جي ماڻهن جي ڪردار کان انڪار ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي انتها پسندي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل يقيني بڻايو وڃي.
ڪميشن سفارش ڪئي آهي ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم ۾ ڪمزورين جو ازالو ڪيو وڃي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاليسيون ٺاهيندڙن کي فيض آباد ڌرڻي بابت به سبق حاصل ڪرڻو پوندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي پاليسين ۾ خامين سبب فيض آباد ڌرڻي جهڙن واقعن کي هٿي ملندي آهي.- Advertisement -
