تازه ترين

جسٽس دراب پٽيل جي تجربي ثابت ڪيو ته آئيني عدالت ضروري آهي:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جسٽس دراب پٽيل جي تجربي ثابت ڪيو ته آئيني عدالت ضروري آهي. آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي حوالي سان ايڪس (ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس پٽيل آئيني عدالت بابت پنهنجو خيال عاصمه جهانگير، آءِ اي رحمان ۽ پنهنجي ساٿين سان شيئر ڪيو هو، جن ساڻس  اتفاق پڻ ڪيو هو. هن چيو ته آئيني ارتقا، منشور ۽ ميثاق جمهوريت لاءِ سندن عزم هميشه هڪ جهڙو رهيو آهي، وزيراعظم، ججن ۽ اسٽيبلشمينٽ جون شڪليون تبديل ٿينديون رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي 18 هين ترميم ۾ 1973ع جي آئين کي بحال ڪرڻ لاءِ 30 سال لڳا هئا. پ پ چيئرمين چيو ته هنن کي 19 هين ترميم ۽ پي سي او چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سياست جي عدالتي فيصلن جا نقصان ختم ڪرڻ ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا لڳي چڪا آهن، 26 هين ترميم تڪڙ ۾ نه پئي ڪئي وڃي، پر اهو گهڻو عرصو اڳ ٿيڻ گهرجي ها. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس دراب پٽيل انهن چار معزز ججن ۾ شامل هو جن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بري ڪيو هو. هن چيو ته جسٽس دراب پٽيل شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو هو، انساني حقن جي ڪميشن جي شريڪ باني رهندڙ جسٽس پٽيل جو موقف هو ته قائد عوام کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪو ثبوت نه هو. سندس چوڻ هو ته ايشين هيومن رائيٽس ڪميشن جو باني رڪن رهندڙ شهيد جسٽس پٽيل شهيد ڀٽو ڪيس ۾ گواهه کي اعتبار جوڳو نه سمجهيو هو. پ پ چيئرمين چيو ته دراب پٽيل اهو به چيو هو ته شهيد ڀٽو جي غيرموجودگي ۾ ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ هلائڻ به هڪ غلطي هئي، جنهن کي تسليم ڪرڻ ۾ سپريم ڪورٽ کي 45 سال لڳا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس پٽيل 1981 ۾ آمر ضياءَ الحق جي پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ پسند ڪئي هئي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس دراب پٽيل جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته هو پاڪستان جو چيف جسٽس بڻجي وڃي ها.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
36 %
2kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون