تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

هڪ سياسي پارٽي شنگهائي سهڪار تنظيم کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي:اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هڪ سياسي پارٽي شنگهائي سهڪار تنظيم کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. اسلام آباد ۾ ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ريلي جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن جي اسحاق ڊار ۽ عطا تارڙ اڳواڻي ڪئي. اسحاق ڊار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ ميمبر ۽ مبصرملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير به شريڪ ٿيندو. هن چيو ته شاندار ميزباني جي ذميواري سٺي نموني سان نڀائي ويندي، ڪيترن ئي ورهين کانپوءِ پاڪستان وڏي عالمي ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته چين جو وزيراعظم پاڪستان جو ٻه طرفه دورو ڪندو، جڏهن ته ڀارت جي پرڏيهي وزير جي ملاقات بابت ڪا به درخواست ناهي ملي. نائب وزيراعظم چيو ته ايس سي او سيڪريٽري جنرل ميڊيا کي ڪانفرنس جي باري ۾ آگاهي ڏيندو، اطلاعات ۽ پرڏيهي وزارت سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار جا بهترين انتظام ڪيا آهن. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هڪ سياسي پارٽي 2014ع ۾ چيني وزيراعظم جي دوري جي موقعي تي ڌرڻو هنيو هو ۽ هاڻي احتجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ايونٽ جي موقعي تي احتجاج سٺو پيغام ناهي. اسحاق ڊار چيو ته اهم موقعن تي احتجاج هڪ سياسي پارٽي جي عادت آهي، ان کي پنهنجي غلطي درست ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون