- Advertisement -
پاڪ سامونڊي فوج جون آمريڪي بحري فوج سان عربي سمنڊ ۾گڏيل فوجي مشقون ٿيون.
آءِ ايس پي آر موجب مشق ۾ سامونڊي فوج جي جهاز، پي اين ايس بابر جڏهن ته آمريڪي سامونڊي فوج جي جهاز يو ايس ايس اوڪين شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب فوجي مشق دوران بحري آپريشنز جو مظاهرو ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مشق ۾ شريڪ آمريڪي بحريا جي جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب سان ملاقات به ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سامونڊي جهاز جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ خاص طور بحري سهڪار کي ظاهر ڪري ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ سامونڊي فوج خطي ۾ هر طرح جي روايتي ۽ غير روايتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي.- Advertisement -
