تازه ترين

جي يو آءِ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف ملڪگير تحريڪ هلائڻ ۽ ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي هڪ ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته جي يو آءِ 8 فيبروري جي چونڊ نتيجن کي رد ڪري ٿي، هو عوامي اسيمبلي جي نالي سان 25اپريل کان تحريڪ جي شروعات ڪري رهيا آهن ۽ پهريون جلسو 25 اپريل تي ئي پشين ۾ ٿيندو. هن چيو ته 2 مئي تي ڪراچي ، 9 مئي تي پشاور ۾ جلسو ڪندا جڏهن ته لاهور جي جلسي جي تاريخ جو اعلان پشاور جي جلسي کانپوءِ ڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته هو ووٽ جي حق جي حفاظت لاءِ عوام کي متحد ڪندا. هن چيو ته جي يو آءِ جو ڪو به اميدوار ننڍي چونڊن ۾ حصو نه وٺندو، هو ملڪ کي حقيقي اسلامي فلاحي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندا.. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ڪارڪن الله ڪريم کان مدد گهرن ۽ هاڻي کان ڪم شروع ڪن، هو ٻين جماعتن سان به رابطا ڪري رهيا آهن تج جيئن عوام جي صفن کي متحد ڪرڻ گھرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
31 %
3.9kmh
44 %
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون