حماس جي سربراھھ اسماعيل ھنيه جي ننڍي پوٽي زخمن جا سور نه سھندي شھيد ٿي وئي

spot_img
والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراھھ اسماعيل ھنيه جي ننڍي پوٽي زخمن جا سور نه سھندي شھيد ٿي وئي حماس سربراھھ جي پوٽي ملاڪ ھنيه عيد جي ڏينھن اسرائيل جي حملي ۾ زخمي ٿي وئي ھئي، حملي ۾ اسماعيل ھنيه جي ٽي پٽ ۽ ٽي پوٽا به شھيد ٿي ويا ھئا اسرائيلي جھازن عيد جي ڏينھن اتر اولھھ غزه جي مھاجر ڪيمپ ۾ اسماعيل ھنيه جي پٽن جي گاڏي کي نشانو بڻايو ھو اسماعيل ھنيه کي ان وقت پٽن ۽ پوٽن جي شھادت جي اطلاع ڏني وئي، جنھن وقت ھو پاڻ غزه کان قطر کڻي آيل زخمين جي عيادت جي لاءِ اسپتال ۾ موجود ھو ان کان پھريان به اسرائيلي حملن ۾ اسماعيل ھنيه جا پوٽا ۽ پوٽيون شھيد ٿي چڪيون آھن

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون